رتناگر شيرين

رتناگر شيرين

رتناگر شيرين

رتناگر، شيرين: آثارِ قديمه جي ڄاڻو ۽ ماهر خاتون رتناگر شيرين جو تعلق هندستان سان آهي. ڊيڪن ڪاليج، پونا مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد لنڊن يونيورسٽي ڪاليج جي آثارِ قديمه واري شعبي مان ميسوپوٽميا جي قديم آثارن تي مهارت حاصل ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات دهليءَ جي جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي علم (Historical Studies) واري شعبي ۾ قديم تاريخ ۽ آثار قديمه ۾ پروفيسر طور ڪئي. هوءَ سنڌو ماٿريءَ تهذيب جي زوال جي سببن تي ڪيل تحقيق جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ان ڏس ۾ سندس لکيل ڪتاب ‘Understanding Harappa هڪ اهم ڪتاب آهي.
رتناگر، علمي ۽ تحقيقي خدمتن سان گڏ سياست ۾ به ڀرپور حصو ورتو. هوءَ هندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي باني مائوزي تنگ جي نالي سان قائم ڪيل يادگار ڪميٽيءَ ۾ شريڪ رهي. ان کان سواءِ ممبئيءَ ۾ جمهوري حقن جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جي باني ميمبرن ۾ شامل هئي. هندستان جي تاريخي ۽ مذهبي ماڳ رام جنم ڀوميءَ متعلق الله آباد ڪورٽ ۾ هلندڙ طويل جھيڙي دوران هن ماڳ متعلق تحقيقي حوالي سان پنهنجو مؤقف ۽ ثبوت سامهون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هندستان کان سواءِ هن ٻين ملڪن جي قديم آثارن ۽ ماڳن تي به کوجنا ڪئي آهي، جن ۾ 1971ع ڌاري عراق ۾ موجود تاريخي ماڳ تيل ال- رمها (Tell al- Rimah) قابلِ ذڪر آهي. ساڳيءَ ريت ترڪيءَ ۽ نار بابت به سندس تحقيق ٿيل آهي.
سنڌو لکت تي مسٽر نٽورجها جيڪي نظريا پيش ڪيا، هن انهن نظرين جي مخالف ۾ ڪافي مضمون لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌو ماٿر جي ٻولي ڪنهن به صورت ۾ ٻاهران آيل ٻولي نه آهي، پر مقامي ماڻهن جي آدي ٻولي آهي، جيڪا وقت سان صورتون بدلائيندي رهي آهي. هن جو نظريو نٽورجها کان مختلف هو ته ڪو هيءَ لکت سنسڪرت وسيلي پڙهي سگهجي ٿي. هن جو چوڻ هو ته سنسڪرت چند عالمن ۽ برهمڻن تائين محدود رهي هئي، ان ڪري سنڌو لکت تي ان جو اثر نه آهي، پر هيءَ لکت سنسڪرت کان اڳ جي آهي.
هن هندستان ۾ هڙپا تهذيب جي ماڳن جي کوجنا ۽ کوٽائيءَ جي عمل ۾ گھڻي قدر حصو ورتو. آثارِ قديمه بابت تحقيقي حوالي سان سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آهن، جهڙوڪ:
1. Mobile and Marginalized Peoples, Manohar, New Delhi (2003)
2. Trading Encounters: From the Euphrates to the Indus in the Bronze Age, Oxford University Press (2nd edition), 2006.
3. Understanding Harappa, New Delhi: Tulika, 2002.
4. The End of the Great Harappan Tradition, New Delhi: Manohar (2000)
5. The Other Indians - Essays on Pastoralists and Prehistoric Tribal People, Three Essays Collection (2004).
پاڻ هن وقت ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رتناگر شيرينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو